SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آفريقي قومي ڪانگريس


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آفريقي قومي ڪانگريس

African National Congress ANC

ايفريڪن نيشنل ڪانگريس

1912ع ۾ قائم ٿيل ۽ بُنيادي طور اهنسا جي اصول ۾ يقين رکندڙ هن سياسي تنظيم جو مقصد، ڏکڻ آفريقا جي ڪاري نسل جي آباديءَ لاءِ برابريءَ تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي حاصلات هئو. پر 1948ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ چمڙيءَ جي برتريءَ واري نظريي تي ٻڌل ’نيشنل لُٿُولي پارٽيء‘َ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، شديد نسلي متڀيد وارين حڪومتي لاڙن خلاف ’آفريقي قومي ڪانگريس‘ جي جدوجهد جمهوري طريقي بجاءِ انقلابي ۽ ويڙهو رنگ اختيار ڪيو. ناميارن سياسي اڳواڻن انتون ليمبيڍ ، والٽر وسِولو، البرٽ ، اوليور ٽامبو ۽ نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾ هن جماعت ڏکن ڏاکڙن ۽ قربانيءَ سان ڀرپور جاکوڙ شروع ڪئي. 21 مارچ 1960ع تي ’شارپ وِل واري واقعي‘ ۾ ڏکڻ آفريقي پوليس هٿان 69 ماڻهو مارڻ کان پوءِ ”آفريقي قومي ڪانگريس“ تي پابندي پوڻ سبب، ان جي قيادت روپوش ٿي وئي. جڏهن ته 1964ع ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ’نيلسن منڊيلا‘ ( ڄم 1918ع) کي عمر قيد جي سزا ملي. منڊيلا جي جڳهه تي لنڊن ۽ لُوساڪا ۾ جلا وطن ٿيل اڳواڻ ’اوليور ٽامبو‘ جماعت جي سرواڻي سنڀاليندي، مُلڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر ڀوري چمڙيءَ جي نسل پرست روين خلاف هٿيار بند لڙائي جاري رکي. ان کان سواءِ 1960ع کان 1990ع تائين ANC سفارتي محاذ تي پنهنجون واسطيدار يون وڌايون، جنهن جي ڪري کيس بين الاقوامي سطح تي مڃتا ۽ حمايت حاصل رهي . عالمي ادارن جي سهائتا سان 1990ع کان هن جماعت ڏکڻ آفريقي سرڪار سان مذاڪرات شروع ڪيا . مُلڪ ۾ ’ايف –ڊبليو- ڊي ڪلرڪ‘ جي اعتدال پسند جماعت جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ 27 سالن جي نظربنديءَ کان پوءِ نيلسن منڊيلا جي آزاديءَ سبب، ٻنهي ڌُرين ۾ ڳالهين ۽ تڪرار جي امن ڀريي حل لاءِ ماحول جُڙيو. اپريل 1994ع ۾ گڏيل چونڊن واري سرشتي هيٺ ٿيل چونڊن ۾ مليل ڪاميابيءَ (252 سيٽون ) کان پوءِ ANC پنهنجي اتحادين سان گڏجي ” قومي ٻڌيءَ“(National Unity) جي نالي سان صدر نيلسن منڊيلا جي سرواڻيءَ ۾ حڪومت جوڙي. 1994ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ اڇي چمڙيءَ جي برتريءَ واري سياست جو مُڪمل خاتمو اچي ويو ۽ ملڪ جو ڪار وهنوار مقامي آباديءِ جي جماعت ANC سنڀاليو. اقتدار جون واڳون مڪمل طور ڏيهي آباديءَ وٽ اچڻ سبب ملڪي آئين ۾ تبديليون آڻي ، ان کي برابري، جمهوري ۽ عوام دوست بنيادن تي جوڙيو ويو


Remember Me Also:

خوشامد ڪرڻ

چاپلوسي ڪرڻ ، چَٽَ ٻَڌَڻُ. مرحبا ڪرڻ ، آدر ڀاءُ ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal